وزير اعظم ۽ وڏن وزيرن کي حاصل ڇوٽ فوج کي ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي؟ جسٽس منصور جو سوال

0
252
وزير اعظم ۽ وڏن وزيرن کي حاصل ڇوٽ
وزير اعظم ۽ وڏن وزيرن کي حاصل ڇوٽ فوج کي ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي؟ جسٽس منصور جو سوال

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو (نيب) ترميمي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي وڪيل کان سوال ڪيو ته قومي فيصلن تي وزيراعظم ۽ وڏي وزير کي احتساب کان ڇوٽ حاصل آهي، سوال اِهو آهي ته وزير اعظم ۽ وڏن وزيرن کي حاصل ڇوٽ فوج کي ڪئين ٿي ڏئي سگهجي؟
چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي
درخواست تي ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل فوج جي نيب جي ڪارروائي کان پري هُجڻ بابت دليل ڏنا ته فوجي آفيسرن کي نيب ڇوٽ درست آهي، فوجي آفيسرن جو رٽائرمينٽ کانپوءِ احتساب ٿي سگهي ٿو
هن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ فوج کي اِها ڇوٽ حاصل ناهي، جيڪا پاڪستان ۾ آهي؟، سول سرونٽس به ملڪ جي خدمت ڪن ٿا، اُنهن کي نيب قانون ۾ ڇوٽ حاصل ڇو ناهي؟. ڇا فوجي آفيسر جي ڪرپشن جي احتساب لاءِ 40 سال رٽائرمينٽ جو انتظار ڪرڻو پوندو؟
عدالت سوال ڪيو ته جيڪڏهن فوجي آفيسر سروس دوران وفاقي يا صوبائي اداري ۾ مقرر هُجي ته ڇا اُن جو احتساب ٿي سگهي ٿو؟

هن کي به پڙهندا

نامزدگي ڪاغذن ۾ ڌيءُ لڪائڻ تي عمران خان جي نااهلي وارو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

نيب پاران مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي بريت کي چئلينج نه ڪرڻ جو فيصلو

وفاقي سرڪار طرفان وزيراعظم ليپ ٽاپ پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان

فريال ٽالپر نااهل نه ٿيندي، اليڪشن ڪميشن فيصلو ٻڌائي ڇڏيو