گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ ڀرسان ڊرٻ ميهڙ شاهه جي نجي اسڪول ۾ امتحاني پيپر دوران ڪاپي کان روڪڻ تي شاگرد جي مائٽن اسڪول تي مبينا حملو ڪري استاد وسيم احمد نوناري کي تشدد جو نشانو بڻائي کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي اسپتال آندو ويو، نجي  اسڪول جي پرنسپال عبدالغني وساڻ ٻڌايو ته اسڪول ۾ امتحاني پيپر هلي رهيا هيا ته ڪلاس ۾ موجود استاد وسيم نوناري هڪ شاگرد کي ڪاپي ڪرڻ کان منع ڪئي، شاگرد ڪاوڙجي وارثن کي اطلاع ڪيو، جنهن تي 6 هٿياربند هٿيار کڻي امتحاني سينٽر تي آيا ۽ استاد وسيم نوناري تي سخت تشدد ڪيو، هٿياربندن پاران اسڪول ۾ ھٿيارن جي نمائش سبب شاگردن ۾ خوف هراس ڦهلجي ويو، اطلاع تي پوليس دير سان اسڪول پهچي تفصيل وٺڻ بعد واپس موٽي وئي ۽ ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو.