عورت کيرپياڪ ڌي گهر ڇڏي سير تي نڪري وئي، نينگري فوت، عمر قيد سزا

0
150
عورت کيرپياڪ ڌي گهر ڇڏي سير تي نڪري وئي، نينگري فوت، عمر قيد سزا
عورت کيرپياڪ ڌي گهر ڇڏي سير تي نڪري وئي، نينگري فوت، عمر قيد سزا

اوهائيو(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست اوهائيو ۾ هڪ ماءَ کي 16 مهينن جي ڌي جي قتل جي ڏوهه ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب 32 سالن جي ڪرسٽل ڪينڊريلا عدالت ۾ ٻارڙيءَ جي قتل جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته پنهنجي معصوم ڌي جيلين کي گهر ۾ اڪيلو ڇڏي آئون سير وتفريح لاءِ گهران نڪري وئي هيس

جتي مون کي بواءِ فرينڊ سان گڏ 10 ڏينهن لڳي ويا هئا، ڌي کي ڪجهه کير جي بوتلن ۽ پلي پين سان گڏ اڪيلو ڇڏي ويس، عورت کي جيلين کان علاوه به وڏي ڌي به آهي، اها ان جي غير موجودگي ڪاٿي هئي ان جي ڪا به خبر نه پئجي سگهي

گهمي ڦري جڏهن عورت پنهنجي گهر موٽي تي جيلين کيس مئل حالت ۾ ملي، ڪرسٽيل پوليس کي آگاهه ڪيو ۽ پوءِ جيلين کي اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن جيلين جي موت انتهائي بک ۽ پاڻي جي کوٽ سبب ٻڌايو، پوليس ڪارروائي ڪندي عورت کي گرفتار ڪري ورتو، بعد ۾ عدالت آمريڪي عورت اهڙي ڏوهه ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ عورت کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان دوکي سميت ڪيترائي ڏهه ڪيا آهن، ٻارڙيءَ کي ڊيڄارڻ، اڪيلو رکڻ، غير محفوظ ماحول ۾ ڇڏي وڃڻ سبب ان جو ڀوائتو موت ٿيو، جيل ۾ توهان کي گهٽ ۾ گهٽ کاڌو کارايو ويندو