گهڻي ٽي ٽوئنٽي ناهي کيڏي، فارم ۾ واپس ايندس، تنقيد جي پرواهه ناهي: اسٽارڪ خاموشي ٽوڙي ڇڏي

0
62
گهڻي ٽي ٽوئنٽي ناهي کيڏي، فارم ۾ واپس ايندس، تنقيد جي پرواهه ناهي: اسٽارڪ خاموشي ٽوڙي ڇڏي
گهڻي ٽي ٽوئنٽي ناهي کيڏي، فارم ۾ واپس ايندس، تنقيد جي پرواهه ناهي: اسٽارڪ خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڪولڪتا (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي مهانگي ترين رانديگر مچل اسٽارڪ پاڻ مٿان ٿيندڙ تنقيد تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي

بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز مچل اسٽارڪ کي 44 لک 30 هزار آسٽريلوي ڊالرز ۾ خريد ڪيو هو جنهن جي ماليت ڀارتي رپين ۾ 24 ڪروڙ 75 لک رپيا ٿئي ٿي

هڪ انٽرويو ۾ مچل اسٽارڪ چيو ته ٻن ورهين دوران گهڻي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ناهي کيڏي، ممڪن آهي سست شروعات جو اِهو ئي سبب هجي، ڪجهه به ناهيان پڙهندو ان ڪري ڪا به شئي پريشان ناهي ڪندي. هن چيو ته رڌم ۾ واپس اچي رهيو آهيان هاڻي سٺي بالنگ ڪري رهيو آهيان، 34 ورهين جو ٿي چڪو آهيان پنهنجي ورڪ لوڊ مان مطمئن آهيان

سندس چوڻ هو ته جيڪي رانديگر ٽيسٽ ڪرڪيٽ گهڻي کيڏن ٿا انهن لاءِ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ سولي آهي. ياد رهي ته مچل اسٽارڪ گذريل ڏينهن ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز طرفان کيڏندي لکنئو سپر جائنٽس خلاف ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون هيون