حيدرآباد: زال کي قتل ڪندڙ عمر ميمڻ جي دوستن سان گڏ ڊانس جي وڊيو وائرل

0
28821

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ايريگيشن آفيسرز ڪالوني ۾ پنج ڏينهن اڳ مبينا طور زال کي تشدد ڪري قتل ڪندڙ اڳوڻي سيڪريٽري خالد حيدر ميمڻ جي پٽ عمر ميمڻ جي دوستن کان گڏ ڊانس پارٽي واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، وڊيو ۾ واضح نظر اچي ٿو ته عمر ميمڻ جي هٿ ۾ شراب جي بوتل به آهي جنهن مان هو شراب جو گلاس ڀري ٿو ۽ سندس دوست عورتن سان گڏ ڊانس پيا ڪن، 15 جولاءِ تي ناري قرت العين فوت ٿي هئي 16 جولاءِ تي سندس ڀاءِ اسدالله بليدي مڙس عمر ميمڻ تي قتل جو الزام هنيو ڪيس داخل ٿيڻ بعد بلديا پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو.