سنڌ ۽ پنجاب ۾ بارداڻي جو بحران: آبادگار سراپا احتجاج

0
30

سنڌ ۽ پنجاب ۾ بارداڻي جي بحران سبب ڪڻڪ جي خريداري شروع نه ٿي سگهي، آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا، سنڌ ۾ بارداڻو نه ملڻ خلاف آبادگارن جا مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪنڊيارو ۾ سول سوسائٽي ۽ جي ڊي اي پاران آبادگارن کي بارداڻو نه  ملڻ خلاف احتجاجي ريلي، عيد گاهه روڊ کان اسٽار چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، سکر ۾ به سول سوسائٽي ۽ آبادگارن جو بارداڻو نه ملڻ خلاف احتجاج

ملٽري روڊ کان گلوب چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، سڪرنڊ ۾ ڪڻڪ جي خريداري مرڪز آڏو آبادگارن جو 7 ڏينهن کان ڌرڻو جاري، مظاهرين جو چوڻ آهي ته خريداري مرڪز قائم ٿيڻ باوجود بارداڻو نه پيو ڏنو وڃي، خريداري ۾ دير سبب ڪڻڪ برساتن دوران خراب ٿيڻ جو خدشو آهي

قاضي احمد ۾ اڳوڻي ايم پي اي فصيح شاهه پاران ڊي ايف سي ۽ فوڊ انسپيڪٽرز تي پئسن عيوض بارداڻو واپارين کي وڪرو ڪرڻ جا الزام، سومر ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان، مورو ۽ غوثپور ۾ به آبادگارن جو بارداڻو نه ملڻ خلاف احتجاج