پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس ۾ جسٽس عائشه ملڪ جو اختلافي نوٽ به سامهون اچي ويو

0
27
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس ۾ جسٽس عائشه ملڪ جو اختلافي نوٽ به سامهون اچي ويو
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس ۾ جسٽس عائشه ملڪ جو اختلافي نوٽ به سامهون اچي ويو

پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس ۾ جسٽس شاهد وحيد کانپوءِ جسٽس عائشه ملڪ جو اختلافي نوٽ به سامهون اچي ويو

 جسٽس عائشه ملڪ آمريڪا جي ناليواري قانوني ماهر روسڪوئي پائونڊ جي جملي سان اختلافي نوٽ جي شروعات ڪندي لکيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته عدليه ڪجهه ڪري ته ان کي ڪرڻ جي آزادي به ڏيڻي پوندي، روسڪوئي پائونڊ موجب عدليه جي ڪم ۾ قانونسازي ڪري رنڊڪ وجهي نه ٿي سگهجي

جسٽس عائشه ملڪ پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ چيو آهي ته سادي قانونسازي ذريعي اپيل جو حق نه ٿو ڏئي سگهجي، آرٽيڪل 184 ٿري ۾ اپيل جو حق ڏيڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ضروري آهي

هن چيو ته فل ڪورٽ جي جوڙجڪ سان ڪنهن ڌر جو اپيل وارو حق ختم ڪري نه ٿو سگهجي، آڪٽوبر 2023 ۾ سپريم ڪورٽ جي 15 رڪني فل ڪورٽ حڪومت پاران منظور ڪرايل پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ کي آئين موجب قرار ڏنو هو، فل ڪورٽ ۾ شامل 5 ججز فيصلي سان اختلاف ڪيو هو

 اختلاف ڪندڙ ججز ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظهر علي نقوي، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس شاهد وحيد شامل هئا

هي به پڙهندا

پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهي:جسٽس شاهد وحيد اختلافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو