پاڪستان جو پهريون سيٽلائيٽ مشن چنڊ تي موڪلڻ جون تياريون مڪمل، 3 مئي تي روانو ٿيندو

0
94
پاڪستان جو پهريون سيٽلائيٽ مشن چنڊ تي موڪلڻ جون تياريون مڪمل، 3 مئي تي روانو ٿيندو
پاڪستان جو پهريون سيٽلائيٽ مشن چنڊ تي موڪلڻ جون تياريون مڪمل، 3 مئي تي روانو ٿيندو

پاڪستان جو پهريون سيٽلائيٽ مشن چنڊ ​​تي موڪلڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

خانگي نيوز سان ڳالهائيندي انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي ڪور ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر خرم خورشيد چيو ته پاڪستان جو پهريون سيٽلائيٽ مشن 3 مئي تي 12 لڳي 50 منٽن تي چنڊ ڏانهن موڪليو ويندو

هن چيو ته هي مشن چين جي هينان خلائي لانچ سائيٽ تان خلا ۾ موڪليو ويندو، سيٽلائيٽ آءِ ڪيو بي قمر جي لانچ کي ويب سائيٽ تان لائيو ٽيلي ڪاسٽ ڪيو ويندو

هن چيو ته آءِ ڪيوب قمر کي چين ۽ اسپارڪو گڏيل طور تي ڊزائين ڪيو آهي، چنڊ جون تصويرون وٺڻ لاءِ آئي ڪيوب قمر ۾ ٻه ڪيمرا نصب آهن

ڊاڪٽر خرم خورشيد موجب پاڪستان جو سيٽلائيٽ مشن چنڊ ​​جي چوڌاري گردش ڪندو ۽ ان مشن مان حاصل ڪيل تصويرون تحقيقي مقصدن لاءِ ڪارآمد ثابت ٿينديون

هن چيو ته چين جو سيٽلائيٽ مشن چنڊ ​​تي لهندو ۽ هي مشن چنڊ ​​جي مٽي گڏ ڪندو