پيٽرول 5 رپيا 45 پئسا سستو: وزيراعظم منظوري ڏئي ڇڏي

0
33
پيٽرول 5 رپيا 45 پئسا سستو: وزير اعظم منظوري ڏئي ڇڏي
پيٽرول 5 رپيا 45 پئسا سستو: وزير اعظم منظوري ڏئي ڇڏي

حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي

ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 45 پيسا في ليٽر گهٽتائي ٿي آهي، نئون اگهه 288 رپيا 49 پئسا في ليٽر هوندو

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 42 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ نئين قيمت 281 رپيا 96 پئسا في ليٽر ٿي ويندي

جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 8 رپيا 74 پئسا في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 63 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي

پيٽروليم شين جا نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا