جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

 

(حصو پهريون)

 

هينئر منهنجا سڀ ساٿي سج لٿي جي نماز پڙهي رهيا آهن ۽ آئون ماڊل ڪورٽ مان مليل پنهنجو فيصلو پڙهي رهيو آهيان، جيڪو جناب تصور علي راجپوت صاحب (جج) منهنجي لاءِ اڄ ڏنو آهي. ان فيصلي جو انتظار مون کي ۽ منهنجي خاندان کي گذريل 15 ڏينهن کان هو، ڪالهه به اسد، فياض ۽ بي امان ڪورٽ ۾ صبح کان انتظار ڪري ڪري پوءِ شام جو موٽي هليا ويا. ڪالهه فيصلو ان جي ڪري نه اچي سگھيو ڇو جو ڪورٽ ۾ بجلي ڪو نه هئي ۽ فيصلو اڃا ٽائيپ نه ٿي سگھيو هو، ان دوران مون کي ڪورٽ ۾ هڪ ٻه ڀيرا ڪال به ڪئي وئي پر آرڊر ڪونه جاري ڪيو ويو. مزي جي ڳالهه ته مون فياض علي (منهنجو ڀاءُ) سان هڪ ڀوڳ به ڪيو ته ڪورٽ مون کي موت جي سزا ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ فياض ذري گھٽ بيهوش ٿيڻ وارو هو، جنهن کي ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پوءِ نارمل حالت ۾ اهو چئي آندو ته مون توسان ڀوڳ پي ڪيو. هو ڪافي دير تائين روئيندو رهيو ۽ بي امان جو چوڻ آهي ته هن جو بي پي ڪِري پيو هو، جنهن کي جليبي وغيره کارائي پوءِ ئي بي امان بهتر ڪيو هو. بي امان جو چوڻ هو ته فياض چئي رهيو هو ته اسان جو سمورو ننڍپڻ ڏک ڏسندي ڏسندي ئي گذري ويو، هو ڪالهه مون لاءِ نئين سم به وٺي آيو هو ۽ اڄ به ڳوٺ ۾ ڪجھه پرين پيارا مون لاءِ نوٽن جا هار رکيو ويٺا هئا پر اڄ به منهنجي آزادي عمل ۾ ڪونه آئي، جيتوڻيڪ ماما شير خان ۽ اسد علي جا آندل ڪيڪ وغيره پڻ مون دوستن کي کارائي ڇڏيا هئا. ماما شير جيڪو هن ڪيس ۾ مدعي پڻ آهي گذريل ٻن هفتن کان لاڳيتو منهنجي آزاديءَ لاءِ پئسا ڪورٽ ۾ اڏاري رهيو آهي، جنهن سان منهنجي ڪري ڪافي سماجي دشمن ناراض پڻ ٿي پيا آهن، ڇو جو هن منهنجي حق ۾ ڪجھه طرح بيان ڏنو آهي ته: The accused is my Nephew and his parents are dead, I am forgiving the accused Asif Chalgri in the name of Almighty Allah. I have forgiven the accused Asif Chalgri in the name of Almighty Allah without any obtaining Diyat. The Accused is poor & wantthat he may be released. سچ لکان ته هو منهنجي ڪري تمام گھڻو پريشان آهي پر ماما کان به وڌيڪ پريشان بي امان (منهنجي ماسي) آهي، جيڪا مون کي پنهنجي ماءُ جيتري عزيز آهي. (جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

 

زندان جي جھروڪن مان، ڏنل گھڙيءَ جو تحفو!

 

هي زندان جون راتيون مون کي توهان جي ياد ڏيارين ٿيون، مون کي توهان جي ياد ڏيارڻ جو ڪارڻ توهان جو ڏنل اهو تحفو آهي جيڪو توهان مون کي سزا لڳڻ کان اڳ ڄامشوري ڪورٽ تي شنوائيءَ دوران ڏنو هو، اها گھڙي جنهن مهل پنهنجي ٻانهن تي ٻڌي گھمندو آهيان ته لڳندو آهي ته توهان مون سان گڏ آهيو. اُها گھڙي اسان جي پيار جي آخري نشاني آهي، توهان ته هميشه مون کان پري ٿي ويا منهنجي زندگيءَ مان پر منهنجي زندگيءَ ۾ بس توهان جي اها آخري نشاني مون وٽ وڃي بچي آهي. هي اهو ئي واحد تحفو آهي اوهان جي مون کي ياد ڏيارڻ لاءِ زندان ۾ جيئڻ جي سهاري لاءِ، توهان کي شايد ياد نه هجي پر مون کي اڄ به چڱيءَ طرح ياد آهي، جڏهن منهنجي شنوائي جي پهرين تاريخ نڪتي هئي، مون ڪجھه ڏينهن اڳ خط لکي ڪورٽ تي اچڻ جي آگاهي ڏني هئي، منهنجي انهيءَ خط جي جواب ۾ توهان خط لکي مون کان پڇيو هو ته شنوائيءَ دوران تو کي ڪهڙو تحفو کپي؟ اوهان جو خط ملندي ئي مون ٻيهر توهان ڏانهن جيل مان خط لکي توهان کي چيو هو ته تون پنهنجي گھر ۾ لڳل آئيني ۾ وڃي هڪ نظر ڏس، ان آئيني ۾ اوهان کي جيڪا شيءِ ڏسڻ ۾ اچي سا مون کي کپي. ان تي توهان قرب ڀريو خط لکي چيو هو ته مان ته تنهنجي آهيان مٺا! ٻيو ڪجھه گھُر، مون چيو هو ته صرف تون ئي کپين، ٻيو ڪجھه به نه، ته توهان چيو هو ته صفا ڪو پاڳل آهين. ان کان پوءِ توهان منهنجي شنوائيءَ تي منهنجي لاءِ راڊو ڪمپنيءَ جي گھري وٺي اچي مون کي چيو هو ته هن کي پنهنجي ٻانهن کان ڪڏهن به الڳ نه رکجان. هاڻي توهان جا سور هن گھڙيءَ سان سليندو آهيان، توهان جا ڏوراپا به هن گھڙيءَ کي ڏيندو آهيان ڇو ته مون کي سزا لڳڻ شرط اوهان مون کي وساري ويٺا. توهان جا واعدا، وفا، پيار، محبت ۽ سڀ ارادا مٽجي ويا، شايد 25 سالن جو ٻڌي اوهان سوچيو ته آئون ڪڏهن به واپس ڄامشورو آزاد ٿي نه ايندس. اوهان جي طرفان خط، پيغام سڀ اچڻ بند ٿي ويا. مان به ڪجھه سالن تائين اوهان جي راهه ڏسندو رهيس پوءِ وقت جي حساب سان پنهنجي دل پڪي ڪري اوهان جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ ڇڏي ڏنم پر اڄ ڪافي ڏينهن کان پوءِ اوهان جو ڏنل تحفو گھڙي پنهنجي ٻانهن تي ٻڌم ته اوهان جي ياد دل تي تَري آئي ۽ اوهان لاءِ ڪجھه لکڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مجبور ٿي پيس. فقط اوهان جو پنهنجو…

 

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

 

تعليم جي وزير سيد سردار شاھ ڏانھن کليل خط!

 

تعليم انسان جي ٽين اک آھي، سنڌ جي معياري تعليم نه ھجڻ جو ھڪ اھم ڪارڻ ڪاپي آھي، ھي ڪاپي جو تحفو جنرل ضياءَالحق جي دور کان سنڌ صوبي کي تحفي ۾ مليو پر ان بعد ڪيتريون ئي حڪومتون آيون پر ھن موذي مرض کي ختم ڪري نه سگھيون پر ھر سال نائين کان ويندين انٽر تائين ڪاپي ھلندي رھي، تازو گمبٽ ۾ ڇھين کان اٺين ڪلاس جي شاگردن جي استادن ڪاپي بند ڪرائي ته شاگردن جي والدين استادن کي مارڪٽ ڪري ھليا ويا. استادن جي ڪنھن به نه ٻڌي، ھن وقت 2 مئي کان نائين ۽ ڏھين ڪلاس جا ساليانا امتحان شروع ٿيندا، ان بعد يارھين ۽ ٻارھين جا امتحان ٿيندا پر ڪاپي بند نه ٿيندي. سنڌ جي تعليم جي وزير سيد سردار شاھ موجب ڪاپي بلڪل به نه ٿيندي، بلڪل سنڌ جو ھر باشعور ۽ استاد طبقو چاھي ٿو ته ڪاپي بلڪل بند ٿئي تڏھن ئي تعليم معيار بھتر ٿيندو پر سوال اھو آھي ته امتحاني سينٽرن تي استادن کي ڪھڙو تحفظ مليل آھي ؟ شاھ صاحب چيو ته انوجيليٽر جي بلاڪ ۾ جي ڪاپي ھلندي ته ان کي نوڪري تان معطل ڪيو ويندو پر جي ان بلاڪ ۾ سياسي بااثر شاگرد ويٺل ھجي ته پوءِ ان جي انوجيليٽر جو ڇا ٿيندو؟ سيد سردار شاھ جي قدم کي ساراھجي ٿو پر مڃون ٿا ته سنڌ ۾ بلڪل ڪاپي ختم ٿي وڃي پر سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ سکر، حيدرآباد، ڪراچي ۽ ميرپورخاص بورڊن ۾ اي ون گريڊ پئسن تي ملي ٿو، ان کي ڪير ختم ڪرائيندو؟ ھن وقت سکر بورڊ ۾ اي ون گريڊ جو اگھه 2 لک کان وڌيڪ آھي، ان ۾ ڪو شڪ به ناھي ته اگھه خانگي اسڪولن به وڌايا آھن جيئن وڌيڪ شاگرد اي ون گريڊ ۾ اچن ته اسڪول جو نالو روشن ٿئي ۽ گھڻي کان گھڻي داخلا ٿئي. ڪاپي سان گڏ بورڊن جي ڪاروبار کي مڪمل ختم ڪيو وڃي ته پوءِ سنڌ ۾ تعليمي انقلاب ايندو. سيد سردار شاھ بخوبي ڄاڻي ٿو ۽ کيس تعليم جو ان کي درد به آھي ۽ گذريل دور کان ھن دور ۾ تعليم جو وزير هوندي تعليمي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو آھي، جيڪڏھن ڪاپي کي بند ڪرائڻو آھي ته پوءِ پيپرن واري وقت سڀ انٽرنيٽ جا سنگل بند ھجن، استادن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ استادن کي مئجسٽريٽ جا پاور ڏنا وڃن، امتحاني سينٽرن ضلعي سطح تي ھڪ يا ٻه ھجڻ گھرجن. اھي سينٽر ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ نه ڪنھن گرائونڊ تي بندوبست ڪرڻ گھرجي، انوجيليشن استاد نه ڪن، انوجيليشن ڪرڻ لاءِ ٻيا ھجن ته يقينن ڪاپي بند ٿي ويندي.

شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ