پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ مزدورن جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

0
59

پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ مزدورن جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ پورهيتن جي حقن بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ريليون، تقريبون ۽ ميڙاڪا

مزدورن جي ڏهاڙي تي سکر، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، شهدادڪوٽ، شيخ ڀرڪيو، شهدادڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ تقريبون، شهدادپور، دڙو، ميروخان، ڪنڌرا، فيض گنج ۽ ڏيپلو ۾ ريليون ڪڍيون پيون وڃن

مٽياري، ميهڙ، ڀريا سٽي، ڪنري، سيٺارجا ۽ ٻين شهرن ۾ به پورهيتن جي ڏهاڙي تي تقريبون، شڪاگو جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

 ريلين ۽ تقريبن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته مزدورن لاءِ اعلانيل گهٽ ۾ گهٽ اجوري جي ادائگي يقيني بڻائي وڃي، مزدورن جي پورهيتن لاءِ تعليم، صحت ۽ سوشل سيڪيورٽي جون سموريون سهولتون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو