خيرپور ناٿن شاهه ويجهو مسافر ڪوچ جو ڪار کي ٽڪر، ٻن عورتن سوڌو 4 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

0
39
ڪي اين شاهه انڊس هاءِ وي تي مورو واسين سان حادثو، عورت سوڌو 3 ڄڻا فوت
ڪي اين شاهه انڊس هاءِ وي تي مورو واسين سان حادثو، عورت سوڌو 3 ڄڻا فوت

مورو/ ڪي اين شاهه (نمائندن وٽان) خيرپور ناٿن شاهه ويجهو مسافر ڪوچ جو ڪار کي ٽڪر، ٻن عورتن سوڌو 4 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

خيرپور ناٿن شاهه ويجهو انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار مسافر ڪوچ جو ڪار کي ٽڪر، ڪار ۾ سوار 2 عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا

حادثي ۾  ڪار جو ڊرائيور زخمي ٿي پيو، حادثي ۾ فوت ٿيلن ۾ ياسر، غلام اصغر، ارشاد خاتون زال غلام اصغر ۽ دلشاد زال فاروق ميمڻ شامل آهن

 مورو جي پير بخاري محلي سان تعلق رکندڙ ڪٽنب ڪار ۾ سوار ٿي تعزيت لاءِ ڪي اين شاهه وڃي رهيو هو ته ساڻن حادثو پيش آيو

حادثي بعد ڪوچ جو ڊرائيور ۽ ڪلينر فرار، پوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو