سينچري ۽ ڪاميابي: مداح ناريءَ جو بابر کي مرسڊيز ڏيڻ جو اعلان

0
55
سينچري ۽ ڪاميابي: مداح ناريءَ جو بابر کي مرسڊيز ڏيڻ جو اعلان
سينچري ۽ ڪاميابي: مداح ناريءَ جو بابر کي مرسڊيز ڏيڻ جو اعلان

برمنگهم(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي برطانوي مداح کيس اڄ انگلينڊ خلاف سينچري ٺاهڻ تي پيءُ جي گاڏي تحفي طور ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

برمنگهم ۾ موجود پاڪستان ڄائي برطانوي ناري نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته هو پاڪستاني ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ تيار آهن، سندن نظرون ٽيم تي آهن ۽ پاڪستاني ٽيم جون نظرون فتح تي هئڻ گهرجن

بابر اعظم جي پرستار ناريءَ اِهو به چيو ته جيڪڏهن ڪپتان انگلينڊ خلاف سينچري هڻي ٽيم جي فتح ۾ ڪردار ادا ڪيو ته پنهنجي پيءُ جي مرسڊيز کيس تحفي طور ڏينديس