ايف بي آر جي هدايتن تي نان فائلرز جون 11 هزار کان وڌيڪ موبائل سمون بلاڪ ڪيون ويون

0
65

اسلام آباد: فيڊرل بيورو آف روينيو (ايف بي آر) جي هدايتن تي نان فائلرز جون 11 هزار کان وڌيڪ سمون بند ڪيون ويون آهن

ايف بي آر جي ترجمان موجب انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر تحت موبائل سمز کي بلاڪ ڪيو ويو آهي ۽ 22 مئي تائين 11 هزار 252 سمز کي بلاڪ ڪيو ويو آهي.

ايف بي آر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايف بي آر ٽيڪس ڪمپلائنس ۽ ٽيڪس ڪلچر جي فروغ لاءِ پرعزم آهي.

ياد رهي ته ايف بي آر اختيارين گذريل ڏينهن ٻڌايو هو ته نان فائلرز جون 9 هزار کان وڌيڪ سمون بند ڪيون ويون آهن.

ترجمان چيو ته نان فائلرز جا موبائيل فون نمبر بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو پارليامينٽ جو فيصلو آهي، حڪومتي فيصلي تي هر حال ۾ عمل ٿيڻ گهرجي.

ان کان علاوه گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عامر فاروق واضح ڪيو ته عدالت سمز بند ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو، حڪومت جو اهو حڪم اڃا به برقرار آهي.