شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ڪو سردار يا ڀوتار به ملوث هوندو ته ان کي نه ڇڏينداسين: ڊي آءِ جي سکر

0
60

ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه چيو آهي ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ڪو سردار يا ڀوتار به ملوث هوندو ته ان کي نه ڇڏينداسين، نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي جي جاچ دوران ڪجهه ڪليوز مليا آهن، انهن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، نصرالله گڏاڻي جا قاتل بچي نه سگهندا

 ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته شهيد نصرالله جي لاڏاڻي جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو، وارث ايف آءِ آر ۾ جنهن جو به نالو ڏيندا پوليس ان خلاف ڪيس داخل ڪري فوري ايڪشن کڻندي

هن چيو ته نصرالله گڏاڻي جي شهادت تي جيترو افسوس ڪجي گهٽ آهي، نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهارينداسين

هي به پڙهندا

قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل سينيئر صحافي نصرالله گڏاڻي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو