قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل سينيئر صحافي نصرالله گڏاڻي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو

0
67

قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل سينيئر صحافي نصرالله گڏاڻي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو

4 ڏينهن اڳ ميرپور ماٿيلو ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نصرالله گڏاڻي مرڻينگ ٿي ويو هو، نصرالله کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ پهرين رحيم يار خان جي اسپتال پهچايو ويو، 2 ڏينهن اڳ نصرالله کي ايئر ايمبولنس ذريعي ڪراچي جي آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو

گذريل رات وارثن ڊاڪٽرز جو حوالو ڏيندي چيو ته نصرالله جي طبيعت هاڻي سڌرندڙ آهي، نصرالله گڏاڻي اڄ صبح زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، شهيد نصر الله گڏاڻي جو مڙھه ميرپور ماٿيلو نيو ويو

وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سينيئر وزير شرجيل ميمڻ پاران صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن سان تعزيت جو اظهار، سوڳ ۾ ميرپور  ماٿيلو ۽ جروار  شهر بند ٿي ويا، ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو

شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ڏهرڪي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي

حيات پتافي، تنگواڻي، ٺري ميرواهه، ڍورو نارو، سڪرنڊ ۽ ٻين  شهرن ۾ صحافي توڙي سول سوسائٽي  سراپا احتجاج، قتل ۾ ملوث جوابدارن کي بنا دير گرفتار  ڪرڻ جو مطالبو

هي به پڙهندا

شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ڪو سردار يا ڀوتار به ملوث هوندو ته ان کي نه ڇڏينداسين: ڊي آءِ جي سکر