اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي راڄڌاني ۾ اينٽي انڪروچمينٽ عملي پي ٽي آءِ جي مرڪزي آفيس کي سيل ڪري ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب اسلام آباد جي سيڪٽر جي _8 فور ۾ پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ ۾ سي ڊي اي جي ٽيم حد دخلين خلاف آپريشن ڪندي آفيس جو هڪ حصو ڪيرائي ڇڏيو. سي ڊي اي اختيارين موجب آپريشن بلڊنگ قانونن جي ڀڃڪڙي تي ڪيو ويو. سيڪٽر جي فور ۾ هڪ سياسي پارٽي جي حد دخلين کي ختم ڪيو پيو وڃي. آپريشڻ غيرقانوني اڏاوتن، ۽ حد دخلين تي ڪيو ويو آهي.  سي ڊي اي موجب پي ٽي آءِ جي آفيس وارو پلاٽ سرتاج نالي هڪ شخص جي نالي تي الاٽ ٿيل آهي. پلاٽ تي قبضو ڪري حد دخليون ڪيون ويون هيون. جڏهن ته پلاٽ تي هڪ ماڙ عمارت غيرقانوني طور قائم ڪئي وئي آهي. پلاٽ جي مالڪ کي ڀڃڪڙين تي ڪيترا ئي ڀيرا نوٽيس جاري ڪيا ويا.  2019 کان 2022 تائين نوٽيس ڏنا ويا پر ڪو عمل نه ٿيو. پوءِ وري 4 ڊسمبر 2023ع تي نوٽيس ڏنو. آخر ۾ 15 مئي 2024 تي جڳهه سيل ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو پر عمل نه ڪيو ويو. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته کدڙا اسان جا ڀائر آهن، انهن لاءِ عزت آهي. هن چيو ته مرڪزي آفيس سيل ڪرڻ ۽ ڊاهڻ خلاف عدالت ۾ وينداسين. سندس چوڻ هو ته اسين ڳالهيون چاهيون ٿا پر اهو نٿو ٿي سگهي ته بندوق گڏ رکي ڳالهيون ڪيون وڃن.  جڏهن ته پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ تي حملي جي مذمت ڪريون ٿا. سي ڊي اي بنا نوٽيس جي ڪارروائي ڪئي. ڇا اهو قانون انهن ماڻهن کي رات  جو ٻارهين وڳي ياد ٿو اچي. هن چيو ته وزيراعظم اسان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهيو آهي. هن واقعي جا ذميوار شهباز شريف ۽ محسن نقوي آهن، انهن کي ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.