ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻارن کي بدفعلي لاءِ سپلاءِ ڪندڙ گينگ جا 6 جوابدار سوگھا، ان ڏس ۾ اورنگي ۾ 200 کان 300 رپيا خرچي جي لالچ ڏئي 12 کان 14 سالن جي ڇوڪرن سان بدفعلي ڪرڻ بعد کين سپلائي ڪندڙ 6 رُڪني گينگ کي پوليس سوگھو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته جوابدارن وٽان غيراخلاقي ويڊيوز پڻ هٿ آيون آهن. پوليس ذريعن موجب ته 11 مئي تي گُم ٿيل ڇوڪري جي ڳولا دوران گينگ کي برسٽ ڪيو ويو.