گڊو (رپورٽ: محمد علي ڪلوڙ) گڊو ٿاڻي جي حد مان ٻه ھفتا اڳ آبپاشي ڪالوني مان اغوا ٿي ويل آبپاشي کاتي جي ملازم جو نوجوان پٽ ھيبت نيازي بازياب نه ٿي سگھيو،  ٻئي پاسي مغوي جي بازيابي لاءِ آبپاشي ڪالوني ۾ وارثن ۽ آبپاشي کاتي ملازمن پاران لڳايل احتجاجي ڪيمپ تي ويٺل مغوي جي والد محمد شفيق نيازي ميڊيا کي ٻڌايو ڌاڙيلن فون ڪري ھڪ ڪروڙ ڀنگ گهريو آهي، هن چيو ته ڌاڙيلن ھڪ ڪروڙ کان علاوه 4 بوسڪي جا وڳا، 2 آءِ فون موبائل ۽ 4 قيمتي راڊو واچن جي به گهر ڪئي آهي. والد ڀنگ گھرڻ دوران ڌاڙيلن کي پنھنجي غريبي ۽ مغوي کي آزاد ڪرڻ لاءِ پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏيندو رھيو، ڌاڙيلن فون بند ڪري ڇڏي، جڏھن ته ڀنگ لاءِ ڪال اچڻ بعد مغوي جي والد ۽ امڙ جي حالت خراب ٿي وئي آھي، سندس ماءُ کي بيھوشي جا دورا پئجي رھيا آھن.هوڏانهن ايم اين اي سردار علي جان مزاري ڪيمپ تي پھچي مغوي جي وارثن کان تفصيل معلوم ڪري مغوي جي بازيابي لاءِ اعليٰ اختيارين سان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي واپس روانو ٿي ويو. مغوي جي والد محمد شفيق نيازي ٻڌايو ته ٻه ھفتا گذري چڪا آھن پر پوليس صرف ٺلھا آسرا ڏيڻ ۾ پوري آھي، آبپاشي ملازم آھيان پگھار ۾ گھر جو چلھو نٿو ٻري مغوي پٽ ھيبت پورھيو ڪندڙ آھي ڀنگ جي قيمت ڪٿان آڻي سگھان ٿو، ھنن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته مغوي پٽ جي بازيابي يقيني بڻائي وڃي.