رتوديرو (رپورٽ: عبدالله ڀٽو ) رتوديرو جي جوڳي پاڙي ۾ ٻن جوابدارن پاران يتيم نينگر 13 ورهين جي سراج اوڍاڻو سان مبينا طور بدفعلي جي ڪوشش دوران نينگر پاران مزاحمت ڪرڻ تي کيس گولين جو کاڄ بڻائي قتل ڪيو ويو. اطلاع ملڻ شرط رتوديرو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو کڻائي آئي جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو نينگر جو لاش سندس گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو مقتول نينگر جا وارث اوڇنگارون ڏئي روئي رهيا هئا مقتول نينگر جي هٿن پيرن تي مهندي لڳائي کيس گھوٽ بڻايو ويو ان سلسلي ۾ نينگر جي امڙ مينا خاتون ٻڌايو ته مان تعلقه اسپتال رتوديرو جي نيوٽريشن وارڊ ۾ ڊيوٽي ڪندي آهيان مان پنهنجي ڊيوٽي تي هيس ته مون کي فون آئي ته تنهنجي پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي منهنجي پٽ کي بيگناه قتل ڪري ظلم ڪيو ويو آهي. نينگر جي قتل واقعي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو روحل کوسو پاران نوٽيس وٺي رتوديرو پوليس کي جوابدار گرفتار ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. پوليس نينگر جي قتل ۾ ملوث هڪ جوابدار عاشق ويسر کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او رتوديرو عبدالغفور ڇٽو ٻڌايو ته ابتدائي ڄاڻ موجب نينگر سان ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن ۾ ٻه جوابدار عامر پٽ محمد نواز جاگيراڻي ۽ عاشق پٽ نواب ويسر ملوث آهن جن مان هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي ٻئي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروايون ڪري رهيا آهيون.