سکر (بيورو رپورٽ) ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه چيو آهي ته پريا ڪماري بابت جلد خوشخبري ملندي، شهيد جان محمد مهر ڪيس ۾ تمام گهڻي اڳڀرائي ٿي آهي، قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف سرجيڪل آپريشن ڪنداسين، جديد ٽيڪنالاجي جا ٽاور ۽ ڊرون حاصل ڪري ورتا آهن، ڪچي ۾ نئين حڪمت عملي تحت آپريشن ڪيو ويندو، هن چيو ته ڪچي جو مسئلو آپريشن سان حل نه ٿيندو، حل پوليسنگ آهي، جيستائين ڌاڙيلن جي دلين ۾ پوليس جو خوف نه هوندو تيستائين اهڙيون ڪارروايون جاري رهنديون، ڀتا خوري جون پرچون موڪلڻ ۽ ماڻهن کي اغوا ڪرڻ جو سلسلو تڏهن ختم ٿي ويندو جڏهن اسان سندن ٿاڪن تائين پهچنداسين، هن جو چوڻ هو ته نصرالله گڏاڻي جو بلائينڊ ڪيس آهي، اسان کي ڪجهه سراغ مليا آهن ۽ ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون، سنگرار مان اغوا ٿي ويل پريا ڪماري کي پوليس هن وقت تائين بازياب ناهي ڪرائي سگهي واري سوال جي جواب ۾ ڊي آءِ جي جو چوڻ هو ته پريا ڪماري ڪيس ۾ به اڳڀرائي ٿي آهي، جلد خوشخبري ملندي.