سڳيون (رپورٽ: تسليم ڪوري) سڳيون ۾ بينڪ جي قرض کان پريشان نوجوان پاڻ تي فائر ڪري انت آڻي ڇڏيو، ٻئي نوجوان گهرواري نه ملڻ تي زهر پي ڇڏيو، اسپتال داخل، رپورٽ موجب سڳيون ۾ گھرو پريشانين ۽ غربت کان تنگ اچي 32 ورھين جي نوجوان صدام ولد محب ڪوري پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، وارثن ٻڌايو ته بئنڪ جو قرض هئڻ سبب نوجوان سخت پريشان هو، پنھنجي سھري جي گھر رھيل ھو، جتي ھن پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو انت آندو، نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گھر پھچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو، ٻئي طرف ونگ اسٽاپ تي نوجوان شاهد حسين ڪوري ساھرن پاران گھرواري واپس نه ڪرڻ تي زهريلي دوا پي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن کي ھنگورجا سرڪاري اسپتال پهچايو ويو، جتان ڊاڪٽرن کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.