ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪيڪ ۾ ڦاٿل سنڌ جا 205 شاگرد ڪراچي پهچي ويا،  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد  شاهه  جناح ٽرمينل تي سندن آجيان ڪندي اعلان ڪيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ 180 شاگرد سرڪاري خرچ تي چارٽر جهاز ذريعي ڪراچي آندا ويندا، جن ۾ 6 زخمي شاگرد پڻ آهن. ان موقعي تي  ميڊيا سان ڳالهائيندي  وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾205 شاگرد پھتا آهن، جن ۾ 150 شاگرد ۽ 55 شاگردياڻيون آهن،  انهن  شاگردن مان 99 ڪراچي، 22 حيدرآباد، 15 نوشهري فيروز، 13 خيرپور، 13 سکر، 12 نوابشاهه، ميرپورخاص، بدين، جيڪب آباد ۽ دادو مان 5-5، سانگهڙ (ٽنڊو آدم) مان 3، ڄامشوري ۽ ڪشمور مان 2-2، ڪنڌڪوٽ، پنوعاقل ۽ ٿرپارڪر مان ھڪ ھڪ شامل آھن، ھن چيو ته ڪرغزستان ۾ 180 شاگرد اڃا تائين ڦاٿل آهن، جن مان 6 زخمي آهن. باقي شاگردن کي واپس آڻڻ لاءِ چارٽر فلائيٽ جو خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪندي.  وڏي وزير شاگردن جي والدين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، هن کين يقين ڏياريو ته حڪومت شاگردن جي تعليم کي جاري رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي.