ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي سخت کوٽ آهي، هتان ڊگري حاصل ڪري a ڊاڪٽر ۽ نرسون پرڏيهه نڪري وڃن ٿا، اتي ڊالرن ۽ يورو ۾ پگهار ملي ٿي، اهي  ڊاڪٽر پرڏيهه ۾ ملينر ( لک پتي) بڻجي وڃن ٿا، ڪالهه صحت کاتي بابت ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت هڪ معاهدي تحت وفاق کان  جناح اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ  سي ايچ اسپتالون 25 سالن تائين وٺي ڇڏيون آهن، هن چيو ته صوبي  ۾ ٽراما سينٽرز جون عمارتون ته موجود آهن پر سکيا ورتل اسٽاف نه هجڻ ڪري حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٻين هنڌن تي مشڪلاتون اچن ٿيون، هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي جيان ٽراما سينٽرن جي اسٽاف کي به ڪراچي ۾ سکيا ڏني ويندي. اجلاس دوران ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ بسن ۽ چنگچين جي غير قانوني اسٽاپن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته روڊن تان رش گهٽائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ کاتو ڪينٽ اسٽيشن صدر ۽ الڪرم اسڪوائر وٽان شٽل سروس شروع ڪري رهيو آهي اجلاس دوران پ پ ايم پي ندا کهڙو جي  ايجنڊا تي لڳل  تعليمي ادارن ۾ منشيات جي واهپي خلاف مهملي واري رٿ سومر ڏينهن تي هڪ ڪلاڪ تائين بحث ڪرائڻ لاءِ منظور ڪئي وئي، اسپيڪر اڄ منجھند اڍائي وڳي تائين اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.