لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت صوبي ۾ ماني جي قيمت وڌيڪ گھٽائي ڇڏي آهي. جنن تحت سادي ماني جي نئين قيمت 14 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، نوان اگھه اڄ کان لاڳو ٿيندا. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب ماني جي قيمت ۾ گھٽتائي بابت وزراعليٰ مريم نواز ٽويئٽر تي اعلان ڪيو. هن چيو ته مختلف شهرن ۾ ماني جي قيمت 12 کان 14 رپيا مقرر ڪئي آهي. لاهور ۾ سادي ماني جي قيمت 14 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.