اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران بشام ٿيل دهشتگرد حملي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جي لاءِ 25 لک 80 هزار ڊالر معاوضي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  ناڻي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيل اي سي سي جي اجلاس مارجي ويل چيني ۽ مقامي شهرين جي معاوضي لاء 25 لک 80 هزار ڊالرن جي رقم فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي ناڻي وزارت جي ترجمان مطابق اي سي سي نيشنل بينڪ ۾ موجود 80 لک ڊالر روز ويلٽ هوٽل جي آپريشنل خرچن لاء استعمال ڪرڻ جي به منظوري ڏني آھي اي سي سي اسٽيل مل جي گيس جو بل ادا ڪرڻ لاء 2 ارب 15 ڪروڙ 95 لک 30 هزار روپيا جاري ڪرڻ ، 1 ارب 2 ڪروڙ ارٿ ڪئڪ اٿارٽي ، 12 ارب صحت وزارت ، 2 ارب 21 ڪروڙ بجلي وزارت ، 18 ڪروڙ 45 لک نيو ڪليئر اٿارٽي ، 70 ارب ، 48 ڪروڙ هائيڊرو منصوبن لاء  گرانٽ طور جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آھي.