شاعر احمد فرهاد گمشدگي ڪيس، آءِ ايس آءِ جو سيڪٽر ڪمانڊر عدالت طلب

0
33
شاعر احمد فرهاد گمشدگي ڪيس، آءِ ايس آءِ جو سيڪٽر ڪمانڊر عدالت طلب
شاعر احمد فرهاد گمشدگي ڪيس، آءِ ايس آءِ جو سيڪٽر ڪمانڊر عدالت طلب

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاعر احمد فرهاد جي گمشدگي ڪيس ۾ دفاع واري سيڪريٽري ۽ آءِ ايس آءِ جي سيڪٽر ڪمانڊر کي طلب ڪري ورتو، آئنده ڪيس جي ڪارروائي لائيو نشر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ۾ چيو آهي ته سيڪٽر ڪمانڊر جي حيثيت اسان جي ايس ايڇ او  برابر آهي، کيس عدالت ۾ پيش ٿيندي ڪا شرمندگي نه ٿيڻ گهرجي، سمورا ادارا قانون جي ماتحت آهن، عدالتن ۾ پيش ٿيڻ سان ڪنهن جي بي عزتي نه آهي

عدالت طرفان 29 مئي تي دفاع واري سيڪريٽري ۽ سيڪٽر ڪمانڊر کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو

جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته هاڻي ايجنسيون لڪيل نه پر سامهون رهنديون ۽ اسٽرڪچرڊ هونديون، احمد فرهاد جي بازيابي جو معاملو هاڻي اڻ واڳيل رهيو آهي، کيس بازياب ڪرائڻ رياست جي ذميواري آهي

هن چيو ته دفاع واري سيڪريٽري کي پيش ٿي ٻڌائڻو آهي ته آءِ ايس آءِ ڪم ڪيئن ڪندي آهي، اداري جي اندروني ورڪنگ ڪيئن آهي؟ سيڪٽر ڪمانڊر جون ڇا ذميواريون آهن؟ ڇا رياست جا فنڊز استعمال ٿين ٿا؟ هي ادارا ڪم ڪري قوم تي احسان نه پيا ڪن

جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ايجنسين جو اسٽرڪچر موجود هوندو ۽ طريقيڪار طئي ڪيو ويندو، عدالت ٻڌڻي 29 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي