ٻي ٽي ٽوئنٽي: انگلينڊ پاڪستان کي 23 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

0
39
ٻي ٽي ٽوئنٽي: انگلينڊ پاڪستان کي 23 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
ٻي ٽي ٽوئنٽي: انگلينڊ پاڪستان کي 23 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

4 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٻئين ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي 23 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

برمنگهم جي ايڊبسٽن اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو

ميزبان ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 184 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 183 رنسون ٺاهيون

انگلش بيٽسمين ول جيڪ 37، جوني بيئرسٽو 21 ۽ فل سالٽ 13 رنسون اسڪور ڪيو

معين علي 4، ڪرس جورڊن 3، ليام ليونگسٽن 2 ۽ هيري بروڪ هڪ رنسون ٺاهيون، جوفرا آرچر 12 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو

پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، عماد وسيم ۽ حارث رئوف 2، 2 وڪيٽون ورتيون

184 رنسن جي ٽارگيٽ جي تعاقب ۾ پاڪستاني ٽيم آخري اوور ۾ 160 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي

پاڪستان طرفان فخرزمان 45 ۽ بابر اعظم 32 رنسون ٺاهيون.

 ان کان علاوه افتخار احمد 23، عماد وسيم 22 ۽ اعظم خان 11 رنسون ٺاهيون. محمد عامر 5، شاداب خان 3 ۽ وسيم ايوب 2 رنسون ٺاهيون، محمد رضوان صفر تي آئوٽ ٿيو

واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ سيريز جي پهرين ميچ برسات سبب منسوخ ٿي وئي هئي