ام رباب ۽ جوابدار ايم پي ايز ڀائر سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو عدالت آڏو پيش ٿيا

0
44
ام رباب ۽ جوابدار ايم پي ايز ڀائر سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو عدالت آڏو پيش ٿيا
ام رباب ۽ جوابدار ايم پي ايز ڀائر سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو عدالت آڏو پيش ٿيا

دادو جي عدالت ۾ ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي، ام رباب ۽ جوابدار ايم پي ايز ڀائر سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو عدالت آڏو پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران تپيدار جو بيان ريڪارڊ ڪيو ويو

عدالت ٻڌڻي پهرين جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ام رباب عدالت ٻاهران ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ به سردار ۽ جاگيردار ملوث آهن، سردار قتل ڪرائڻ بعد الزام ٻين تي هڻن ٿا پر سنڌ جي ماڻهن هاڻي کين سڃاڻي ورتو آهي

سردار چانڊيو چيو ته هيل تائين ڪيس جي شاهدن، مشيرن ۽ ڊاڪٽرن جا بيان قلمبند ٿيا آهن، اڄ تپيدار جو بيان قلمبند ٿيو، عدالتي ڪارروائي مان مطمئن آهيون تڏهن ئي ته 6 سالن کان پيش ٿي رهيا آهيون