سڪرنڊ واسي نوجوان چين جي نانجنگ نارمل يونيورسٽي مان بهترين شاگرد جو ايوارڊ ماڻي ورتو

0
55

سڪرنڊ واسي نوجوان ياسين لغاري چين جي نانجنگ نارمل يونيورسٽي مان بهترين شاگرد جو ايوارڊ ماڻي ورتو، ياسين لغاري کي انڊس ڊيلٽا تي تحقيقي مقالو لکڻ تي شاندار شاگرد جي اعزاز سان نوازيو ويو

 نانجنگ نارمل يونيورسٽي جي مئرين سائنس اينڊ انجنيئرنگ فيڪلٽي ۾ ياسين لغاري جو مقالو پيش ڪيو ويو، ياسين لغاري پنهنجي کوجنا واري ڪم ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته 1972 کان 2022 تائين سنڌو درياهه جي ڊيلٽا واري آبي زمين 26 ڏهائي هڪ ڪلوميٽرز تائين گهٽجي وئي آهي

 سنڌي شاگرد پنهنجي رسرچ پيپر ۾ خبردار ڪيو آهي ته سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان نه روڪيو ويو ته قيمتي آبي زمين جو ماحولياتي نظام وڌيڪ سوڙهو ٿي ويندو

هن جو چوڻ آهي ته جانورن ۽ ٻوٽن جا ڪيترائي نسل هميشه لاءِ ختم ٿي ويندا، ياسين لغاري ايوارڊ ملڻ جو ڪريڊٽ پنهنجن استادن کي ڏنو، ياسين لغاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 2019 ۾ جيوگرافي ۾ بيچلرز جي ڊگري ماڻي هئي