ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ، لاڙ وارا ضلعا سوڪهڙي جو شڪار

0
27
ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ، لاڙ وارا ضلعا سوڪهڙي جو شڪار
ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ، لاڙ وارا ضلعا سوڪهڙي جو شڪار

سنڌو درياهه جي مٿانهين بيراجن تي پاڻي وهڪرن ۾ واڌ باوجود ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻيءَ جي سنگين کوٽ جاري، لاڙ وارا ضلعا سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويا

 ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ساريالي فصل جي پوکي متاثر، ساحلي پٽيءَ ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ لڳي، گڊو بيراج وٽ پاڻيءَ جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 5 هزار 981 ڪيوسڪس ريڪارڊ ڪيو ويو

 هيٺاهون وهڪرو 96 هزار 4 سئو ڪيوسڪس ريڪارڊ، سکر بيراج وٽ به پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ بهتري، مٿانهون وهڪرو 83 هزار 930 ۽ هيٺانهون وهڪرو 42 هزار 50 ڪيوسڪس ريڪارڊ ڪيو ويو

 ڪوٽڙي بيراج وٽ مٿانهون وهڪرو رڳو 12 هزار 610 ڪيوسڪس ريڪارڊ، ڪوٽڙي بيراج مان نڪرندڙ چئني واهن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 60 سيڪڙو تائين پهچي وئي

 ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ آبپاشي کاتي پاران 8-8 ڏينهن جي وارابندي سبب واهن ۽ شاخن ۾ واري اڏامڻ لڳي، آبادگار پريشانين ۾ وٺجي ويا