ميرپورخاص: ساهرن پاران ڳورهاري عورت ۽ سندس مائٽن تي تشدد، 2 زخمي، ڪيس داخل

0
26
ميرپورخاص: ساهرن پاران ڳورهاري عورت ۽ سندس مائٽن تي تشدد، 2 زخمي، ڪيس داخل
ميرپورخاص: ساهرن پاران ڳورهاري عورت ۽ سندس مائٽن تي تشدد، 2 زخمي، ڪيس داخل

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ساهرن پاران ڳورهاي ننهن ۽ سندس مائٽن تي تشدد,ڇڪتاڻ سبب 2 ڄڻا سخت  زخمي،ننهن وومين پوليس ٿاڻي تي تشدد جو ڪيس داخل ڪرائڻ پهچي وئي

پوليس نينگري جي مڙس، سندس دوست ۽ ساهري کي گرفتار ڪري ورتو، زخمين کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي,خبر موجب محمود آباد ٿاڻي جي حد ۾ واقع فوجي قبرستان جي رهواسي ساهرن پاران پنهنجي ڳورهاڙي ننهن مسڪان ۽ ساڻس گڏ آيل مائٽن وچ ۾ معمولي ڳالھه تان جهيڙو ٿي پيو,جنهن کان پوءِ معاملو وڌي ويو ۽ هڪ ٻئي کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ مسڪان جا ٻه مائٽ شهباز ۽ سليمان چاقو لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا

واقعي کانپوءِ تشدد جو نشانو بڻيل مسڪان پنهنجي ماءُ ۽ ٻين مائٽن سان گڏ وومين ٿاڻي تي پهچي سندس ساهرن خلاف رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي، محمود آباد پوليس نينگري جي مڙس حمزه، سندس دوست شاهه رخ ۽ ساهري راشد کي گرفتار ڪري ورتو آهي.پوليس زخمي شهباز ۽ سليمان کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسپتال موڪلي ڇڏيو

ان موقعي تي مسڪان ٻڌايو ته شاديءَ کي 03 مهينا ٿي ويا آهن، ان وقت کان وٺي مڙس روزانو ماريندو آهي، ساهرن پاران پنهنجو سون ۽ ٻيو سامان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو وڃي ٿو منع ڪرڻ تي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو.اڄ، مڙس حمزه ۽ سندس گهروارن مون کي منهنجي ماءُ ۽ منهنجي مامي کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو آهي،ڳورهاري هجڻ جي باوجود منهنجي پيٽ تي لتون هنيون ويون آهن انصاف فراهم ڪيو وڃي

هوڏانهن نينگري جي مڙس حمزه ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ مسڪان پنهنجي مرضيءَ سان ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهروارن ڏانهن وئي هئي، ۽ اڄ هوءَ پنهنجي ماءُ ۽ مائٽن سان گڏ آئي ۽ ڏاج جو سامان واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.جنهن بعد مون چيو ته طلاق نه ڏني آهي ته پوءِ ڏاج جو اهو مطالبو ڇو، جنهن کان پوءِ جهيڙو شروع ٿيو آهي

ان موقعي تي وومين ٿاڻي جي ايس ايچ او مومل لغاري ٻڌايو ته نينگري جي درخواست تي زخمين جو ميڊيڪل ڏيڻ سميت ٻيون قانوني گهرجون پوريون ڪري رهيا آهن.محمود آباد پوليس نينگري جي مڙس حمزه ساهري راشد ۽ دوست شاه رخ کي حراست ۾ ورتو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهن