سالن کان ڪيس هلي رهيو آهي، عدالتن ۽ ٿاڻن جا چڪر ڪاٽيون پيا: گم شهري جي ڀيڻ

0
26
سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي ۾ 6 مهينن اندر ڀرتين جو عمل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي ۾ 6 مهينن اندر ڀرتين جو عمل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي، ڪيترن ئي درخواستگذارن جا وڪيل پيش نه ٿيا

گم ٿيل شهري جي ڀيڻ عدالت ۾ چيو ته  سالن کان ڪيس هلي رهيو آهي، عدالتن ۽ پوليس اسٽيشنز جا چڪر ڪاٽي رهياآهيون، سخت مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهيون

عدالت گم ٿيل شهري جي ڀيڻ کي آٿت ڏيندي چيو ته پريشان نه ٿيو، اوهان جي ڀاءُ کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون

جاچ آفيسر عدالت ۾ چيو ته جي آءِ ٽيز ۾ شهري جي جبري گمشدگي جو تعين ٿي چڪو آهي، عدالت پاران گم شهري جي وارثن  کان فوري طور معاوضو ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو

عدالت شهري جنيد احمد سميت ٻين  شهرين جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽيز ۽ صوبائي  ٽاسڪ فورس جا اجلاس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

عدالت جو گهرو ۽ بچاءُ وارين وزارتن کي  ايجنسيز کان رپورٽس حاصل ڪري پيش  ڪرڻ جو حڪم، ٻڌڻي 11جون تائين ملتوي  ڪئي وئي