محسن نقوي سليڪشن جي عمل تي ڪاوڙيل: ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان روڪي ڇڏيو

0
53
محسن نقوي سليڪشن جي عمل تي ڪاوڙيل: ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان روڪي ڇڏيو
محسن نقوي سليڪشن جي عمل تي ڪاوڙيل: ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان روڪي ڇڏيو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان روڪي ڇڏيو

ايندڙ مهيني آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ  پاڪستاني ٽيم جو اعلان اڄ ٿيڻ جو امڪان هو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان بابر اعظم جي قيادت ۾ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان اڄ ٿيڻو هو، پر هاڻ اطلاع آهن ته چيئرمين پي سي بي محسن نقوي اِهو اعلان روڪي ڇڏيو آهي

ذريعن موجب محسن نقوي پاڪستاني ٽيم جي سليڪشن جي عمل تي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي

ذريعن موجب پي سي بي چيئرمين محسن نقوي رانديگرن جي نالن تي اعتراض ناهي واريو، محسن نقوي کي ميٽنگز نه ٿيڻ تي ڪاوڙ آهي، جنهن تي هُن سليڪشن ڪميٽي کان جواب به طلب ڪيو آهي

ذريعن موجب جيستائين سليڪشن جي عمل جو پراسيس مڪمل نه ٿيندو، تيستائين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان نه ٿيندو