اوٻاوڙو ڀرسان شادي ڪاڄ دوران  فائرنگ ۾ نوجوان ناري قتل، هڪ عورت زخمي

0
28
اوٻاوڙو ڀرسان شادي ڪاڄ دوران  فائرنگ ۾ نوجوان ناري قتل، هڪ عورت زخمي
اوٻاوڙو ڀرسان شادي ڪاڄ دوران  فائرنگ ۾ نوجوان ناري قتل، هڪ عورت زخمي

اوٻاوڙو (رپورٽر) اوٻاوڙو ڀرسان شادي ڪاڄ دوران  فائرنگ ۾ نوجوان ناري قتل، هڪ عورت زخمي، اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ ڏونگر چاچڙ ۾ شادي  ڪاڄ دوران فائرنگ ۾ نوجوان ناري قتل ٿي وئي، هڪ عورت زخمي ٿي پئي

مقتول ناري جي وارثن موجب طالب ۽ گل محمد چاچڙ وارن سان جهيڙو  هلندڙ هو، شادي تقريب دوران فائرنگ  ڪري ناري کي قتل ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب شادي تقريب دوران ڀاءُ جي هوائي فائرنگ ۾ مسمات سکان مارجي وئي، مسمات حميده زخمي ٿي پئي

پوليس موجب شادي تقريب دوران واقعو پيش آيو آهي، ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري معاملي جي جاچ  شروع ڪري ڇڏي آهي