ڪير عدليه جو احترام نه ڪندو ته پوءِ اسان مان به ڪا اميد نه رکي: چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ

0
30
ڪير عدليه جو احترام نه ڪندو ته پوءِ اسان مان به ڪا اميد نه رکي: چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ
ڪير عدليه جو احترام نه ڪندو ته پوءِ اسان مان به ڪا اميد نه رکي: چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس شهزاد ملڪ چيو آهي ته اسان کي حڪومت، ڪنهن ايجنسي يا ٻئي اداري جي بي ٽيم نه بڻجڻو آهي، حڪومت يا ڪنهن اداري سان جهيڙو نه ٿا چاهيون، پر تاڙي هڪ هٿ سان نه وڄندي آهي

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس شهزاد ملڪ پنجاب جڊيشل اڪيڊمي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته  عدليه جو احترام ڪيو ويندو ته اسان به ڪنداسين، ٻي صورت ۾ اسان مان به اها توقع نه رکي وڃي، جج بنا ڪنهن خوف ۽ دٻاءَ جي ڪم ڪن

هن چيو ته عرش واري خدا جو خوف رکندئو ته فرشي خدائن کان نه ڊڄندئو، آزاد عدليه هن ملڪ جي ماڻهن جو خواب هو، طاقتور ماڻهو ته پنهنجو حق وٺي وڃي ٿو، غريب ماڻهو کي حق ڏيارڻو آهي

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته بار ۽ بينچ جي ويڙهه سان عدليه جو ادارو ڪمزور ٿئي ٿو، وڪيلن جو هڪ وڏو انگ سٺن ماڻهن تي ٻڌل آهي، هڙتال ڪلچر جي خاتمي ۾ مدد ڪندڙ وڪيلن جو ٿورائتو آهيان