خدا آباد ويجهو هٿياربندن سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ساڳين جوابدارن 4 ڏينهن اڳ مقتول جي سئوٽ ڪزبانو کي به قتل ڪيو هو، جنهن جا جوابدار گرفتار نه ٿيا هئا

 مقتول نوجوان شهزادو پٽ عبدالله جي چاچي بهاول چانڊيو جو چوڻ آهي ته خدا آباد پوليس جوابدارن سان مليل آهي، ڀائيٽِي ڪز بانو کي قتل ڪرڻ تي جوابدار گرفتار نه ٿيا

هن چيو ته اڄ جوابدارن ڀائيٽيَ شهزادو کي به قتل ڪيو، قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي