شهيد نصر الله گڏاڻي ڪيس ۾ 3 شڪي جوابدار گرفتار!

0
167
شهيد نصر الله گڏاڻي ڪيس ۾ 3 شڪي جوابدار گرفتار!
شهيد نصر الله گڏاڻي ڪيس ۾ 3 شڪي جوابدار گرفتار!

ڪراچي: سنڌ جي گهرو وزير  ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث ٽن شڪي  جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هفتي اندر اصل قاتلن تائين پهچي وينداسين

 سنڌ پارلياماني رپورٽرس سنڌ اسيمبلي جي پريس گئلري ۾ نصر الله گڏاڻي جي قتل خلاف احتجاج ڪيو

گهرو وزير ضياءَ لنجار ۽ شرجيل انعام ميمڻ صحافين سان ڳالهيون  ڪري خاطري بعد احتجاج ختم ڪرايو

ضياءَ الحسن لنجار چيو ته شهيد نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث ٽن شڪي  جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي،

هفتي اندر اصل قاتلن تائين پهچي وينداسين

شرجيل ميمڻ چيو ته شهيد صحافي نصر الله جي پونئرن جي مالي مدد به ڪئي ويندي، صحافي جان محمد مهر جا قاتل ظاهر آهن انهن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل سينيئر صحافي نصرالله گڏاڻي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو