قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ 2 پرڏيهي ڪوچ مقرر ڪرڻ جو اعلان

0
58
قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ 2 پرڏيهي ڪوچ مقرر ڪرڻ جو اعلان
قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ 2 پرڏيهي ڪوچ مقرر ڪرڻ جو اعلان

قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ 2 پرڏيهي ڪوچ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڏکڻ آفريقا جو اڳوڻو ڪرڪيٽر گيري ڪرسٽن پاڪستان جي وائيٽ بال ٽيم جو هيڊ ڪوچ هوندو، ريڊ بال ٽيم لاءِ آسٽريليا جو اڳوڻو فاسٽ بالر  جيسن گليسپي هيڊ ڪوچ مقرر ٿي ويو

پي سي بي چيئرمين محسن نقوي لاهور ۾ اظهر محمود سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گيري ڪرسٽن انگلينڊ جي ٽوئر تي ٽيم کي جوائن ڪندو

هن چيو ته جيسي گليسپي بنگلاديش جي سيريز دوران قومي ٽيم جي ڪوچنگ شروع ڪندو، اظهر محمود ٻنهي فارميٽس لاءِ قومي ٽيم جو اسسٽنٽ ڪوچ هوندو

 محسن نقوي چيو ته پرڏيهي ڪوچز جو اچڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هنن کي اسان جي قابليت تي اعتماد آهي، اظهر محمود اسسٽنٽ ڪوچ مقرر ڪرڻ تي پي سي بي چيئرمين جا ٿورا مڃيا