وزيراعظم  جي حڪم باوجود ڪڻڪ جي اسڪينڊل بابت رپورٽ پيش نه ڪئي وئي

0
31

وزيراعظم شهباز شريف جي حڪم ۽ ڊيڊلائين ڏيڻ باوجود ڪڻڪ جي اسڪينڊل بابت رپورٽ پيش نه ڪئي وئي

 اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ ڪميٽي جي سربراهه ڪامران علي افضل چيو آهي ته ڪميٽي ۾ ٽي او آرز جي اضافي سبب وزيراعظم کي رپورٽ پيش نه ڪئي وئي آهي
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪميٽي جي سربراهه سيڪريٽري ڪيبينيٽ ڪامران علي افضل چيو ته ڪڻڪ جي اسڪينڊل بابت ميڊيا جو ڪردار غير ذميواراڻو آهي، هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا اڳوڻي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي طلب ڪري رهيا آهيو؟

 ڪميٽي جي سربراهه جواب ۾ چيو ته ميڊيا تي هلندڙ خبرن ۾ ڪا به سچائي نه آهي، توهان اهڙيون خبرون ڇو ٿا هلايو