سنڌ سميت ملڪ ۾ 9 مئي واقعن کي سال مڪمل ٿيڻ تي ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ريليون

0
23

9 مئي واقعن کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنس جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريليون

 ملير، ڪشمور، جيڪب آباد، شهدادڪوٽ ۽ قمبر ۾ به ريليون، اوٻاوڙو، ميهڙ، سڪرنڊ، ٻانڌي ۽ ڪنريءَ  سميت ٻين شهرن ۾ به 9 مئي جي واقعن خلاف مظاهرا

 شيخ ڀرڪيو، لاڙڪاڻو، نئون ديرو ۽ دوڙ ۾ به پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريليون، گذريل سال پي ٽي آءِ باني جي گرفتاريءَ بعد 9 مئي تي مظاهرن دوران مڇريل جٿن فوجي ٺڪاڻن ۽ سرڪاري ملڪيتن تي حملا ڪيا هئا

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 9 مئي تي جاري ڪيل پيغام ۾  چيو آهي ته پيپلزپارٽي اڄ به ان موقف تي قائم آهي ته 9 مئي واقعن جي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ جڊيشل ڪميشن ذريعي انڪوائري ٿيڻ گهرجي

بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ سميت سڀني کي خاطري ڪرائڻي پوندي ته جڊيشل ڪميشن جيڪو به فيصلو ڪري قبول ڪرڻو پوندو، 9 مئي جا واقعا ملڪ ۾ انارڪي پکيڙڻ جي ڪڌي سازش هئا،

سڀني کي خبر آهي ته اهي مذمت جوڳا واقعا ڪنهن جي ڀڙڪائڻ تي ڪيا ويا، قائد اعظم جي گهر ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪندڙن کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو

 صدر آصف زرداري پاران به 9 مئي جي پُرتشدد واقعن جي مذمت، ايوانِ صدر مان جاري ڪيل بيان ۾ صدر چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 9 مئي کي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، سياسي طور مشتعل جٿن 9 مئي تي سموري ملڪ ۾ ڪهرام برپا ڪيو

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ 9 مئي بابت قريب کي خطاب ڪندي چيو تهگذريل سال 9 مئي جي ڏينهن ڪراچي ۾ بسن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو، خيبر پختونخواهه ۾ ايمبولنسز کي باهه ڏني وئي

هن چيو ته  پي ٽي آءِ باني کي پنهنجو آئيڊيل سمجهندڙ اڄ جيل ۾ سڙي رهيا آهن، پي ٽي آءِ باني جي نيت ٺيڪ هجي ها ته هو سڀ کان پهرين پنهنجي اولاد کي پرڏيهه مان گهرائي ها

شرجيل ميمڻ چيو ته  پي ٽي آءِ باني جي اولاد لنڊن جي ٿڌين هوائن ۾ گهمي رهي آهي، اسان کي ملڪ جي هڪ هڪ شيءِ جو تحفظ ڪرڻو آهي