نو مئي جهڙو قيامت تائين ٻيو واقعو ٿيڻ نه ڏينداسين: وزير اعظم شهباز شريف

0
17
9مئي جهڙو قيامت تائين ٻيو واقعو ٿيڻ نه ڏينداسين: وزير اعظم شهباز شريف
9مئي جهڙو قيامت تائين ٻيو واقعو ٿيڻ نه ڏينداسين: وزير اعظم شهباز شريف

وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ملندي ته جيئن اڳتي ٻيو ڪو به اهڙو قدم کڻڻ جو نه سوچي

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته 9 مئي جو منظم منصوبو بڻايو ويو، 9 مئي جهڙو ٻيو واقعو قيامت تائين ٿيڻ نه ڏينداسين

شهباز شريف چيو ته 9 مئي سانحي ۾ بيگناهه قرار ڏنل ماڻهن ۾ ڪير به هٿ نه وجهي سگهندو، ذميوارن کي هر صورت ۾ ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين، ملڪ خلاف بغاوت ۽ فوج کي ورهائڻ وارين کي هر صورت ۾ ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين

هن چيو ته 9 مئي تي شهيدن جي وارثن جي دل تي قيامت گذري هئي، اسان اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، اهڙو ڪارو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻيهر اچڻ نه ڏينداسين