ڪراچي ۾ نان جي قيمت 17 ۽ چپاتي 12 رپيا مقرر

0
37
ڪراچي ۾ نان جي قيمت 17 ۽ چپاتي 12 رپيا مقرر
ڪراچي ۾ نان جي قيمت 17 ۽ چپاتي 12 رپيا مقرر

ڪراچي: ڪمشنر ڪراچي اٽو، کنڊ، نان ۽ چپاتي جا نوان سرڪاري اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن

ڪمشنر ڪراچي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي ۾ نان جي سرڪاري قيمت 17 روپيه، چپاتي جي قيمت 12 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي

نوٽيفڪيشن موجب هول سيل مارڪيٽ ۾ في ڪلو کنڊ جي قيمت 137 روپين ۾ 140 رپيا مقرر ڪيل آهي

نوٽيفڪيشن جي مطابق هول سيل مارڪيٽ ۾ في ڪلو اٽي جي قيمت 120 روپيا ريٽيل ۾ 125 رپيا مقرر ڪيل آهي

  نوٽيفڪيشن جي مطابق ريٽيل مارڪيٽ ۾ چڪي واري اٽي جي سرڪاري قيمت 123 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي