ڪراچي: ڊفينس  ۾ نينگري جي مبينا قتل خلاف ڌرڻا

0
21

ڪراچيءَ جي  ڊفينس  واري علائقي ۾گهرو ملازم نينگري جي مبينا قتل خلاف وارثن  ۽ شهرين جو  ڪالا پل وٽ مين ڪورنگي روڊ ۽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻا هنيا ويا آهن

صوبائي گهرو وزير معاملي جو نوٽيس ورتو، ڊي آءِ جي سائوٿ کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي

نينگريءَ جي وارثن جو چوڻ هو ته پاريا کي قتل ڪري آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٽنڊو حيدر  جي رهواسڻ پاريا جو گذريل هفتي ڊفينس جي هڪ بنگلي ۾ پکي سان ٽنگيل لاش هٿ آيو هو

بنگلي جي مالڪ واقعي کي آپگهات ۽ نينگري جي وارثن قتل قرار ڏنو هو

 صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار نينگري پاريا جي مبينا قتل واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سائوٿ کان رپورٽ  طلب ڪري ورتي، گهرو وزير چيو آهي ته نينگريءَ آپگهات  ڪيو  يا  قتل ڪئي وئي، فوري طور تي رپورٽ ڏني وڃي