سانحو 9 مئي قوم جي دل تي حملو هو: مريم نواز

0
22
سانحو 9 مئي قوم جي دل تي حملو هو: مريم نواز
سانحو 9 مئي قوم جي دل تي حملو هو: مريم نواز

وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته 9 مئي تي قوم جي دل تي حملو ڪيو ويو، هن حملي جي رٿابندي 4 مهينن تائين ڪئي وئي

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته 9 مئي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي،

گذريل سال 9 مئي تي رياست حملا ڪيا ويا، جيڪي عورتون ۽ مرد هن حملي ۾ ملوث آهن، اُهي سزا جا حقدار آهن

هن چيو ته جناح هائوس قائداعظم محمد علي جناح جي نالي سان منسوب آهي، هڪ دهشتگرد تنظيم رٿابنديءَ سان جناح هائوس تي حملو ڪيو، پاڪستان سان محبت ڪندڙ ماڻهو ان قسم جي حملي جو سوچي به نٿا سگهن

مريم نواز جو چوڻ هو ته 9 مئي سانحو قوم جي دلين تي حملو هو، شهيدن جي ياددگارن تي حملو ڪندڙن کي سزا ملندي