تاريخ ۾ ڪارو باب لکندڙن سان ڪو سمجهوتو يا ڊيل نه ڪئي ويندي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

0
22
تاريخ ۾ ڪارو باب لکندڙن سان ڪو سمجهوتو يا ڊيل نه ڪئي ويندي: آرمي چيف جنرل عاصم منير
تاريخ ۾ ڪارو باب لکندڙن سان ڪو سمجهوتو يا ڊيل نه ڪئي ويندي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

پاڻ کي متاثر طور پيش ڪندڙ 9 مئي جا اصل ذميوار پنهنجي اعمالن تي جوابده هوندا، منظم تشدد ۽ تخريبڪاري ۾ سندن ملوث هجڻ جا ترديد نه ٿيڻ جوڳا ثبوت موجود آهن، تاريخ ۾ ڪارو باب لکندڙن سان ڪو سمجهوتو يا ڊيل نه ڪئي ويندي، آرمي چيف جو لاهور گيريزن جي دوري دوران جوانن کي خطاب

جنرل عاصم منير چيو آهي ته فوج ۽ عوام ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي، قوم جي حمايت سان اهڙين قوتن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻايا ويندا

9 مئي تي شرپسندن ڄاڻي واڻي شهيدن جي يادگارن جي بيحرمتي ڪئي، شرپسندن رياست ۽ قومي اتحاد جي علامتن تي حملا ڪيا، اهي ماڻهو پردي پويان اصل مقصد کي سمجهي نه سگهيا ۽ منصوبي سازن جي سياسي ارادن لاءِ چاري طور استعمال ٿيا

سپريم ڪورٽ جي هدايت تي کين اڳ ئي شڪ جو فائدو ملي چڪو آهي، 9 مئي جي منصوبي سازن، سهولتڪارن ۽ ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، پاڪ فوج جي صبر جي به حد هوندي آهي، اُن کي ڪڏهن به ڪمزوري نه سمجهڻ گهرجي