پي ٽي آءِ جي قيادت 9 مئي واقعن ۾ سڌي ريت ملوث هئي: نگران ڪابينا ڪميٽي جي رپورٽ ۾ انڪشاف

0
19
پي ٽي آءِ جي قيادت 9 مئي واقعن ۾ سڌي ريت ملوث هئي: نگران ڪابينا ڪميٽي جي رپورٽ ۾ انڪشاف
پي ٽي آءِ جي قيادت 9 مئي واقعن ۾ سڌي ريت ملوث هئي: نگران ڪابينا ڪميٽي جي رپورٽ ۾ انڪشاف

پي ٽي آءِ جي قيادت 9 مئي واقعن ۾ سڌي ريت ملوث هئي، اُن ئي سمورن واقعن جي رٿابندي ڪئي ۽ اُن تي عمل ڪرايو، نگران ڪابينا ڪميٽي جي رپورٽ ۾ انڪشاف

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ترديد نه ٿيڻ جوڳا وڊيو ثبوت موجود آهن، ڪميٽي ڪيسز تي جلد فيصلن لاءِ قانون ۾ تبديلي جي سفارش ڪري ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 9 مئي بغاوت جو منظم منصوبو هو، پاڪستاني رياست، فوج ۽ آرمي چيف خلاف سازش دم ٽوڙي وئي، قوم سوال پُڇي ٿي ته هڪ سال گذرڻ باوجود هيل تائين 9 مئي جي ڏوهارين کي سزا ڇو نه ملي، وفاقي ڪابينا پاران 9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي جلد منقطي انجام تي پهچائڻ جو مطالبو

اسلام آباد ۾ شهيدن جي پونيئرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته قانون ۽ انصاف پنهنجو رستو ٺاهيندا، 9 مئي کي قيامت تائين ورجائڻ نه ڏنو ويندو، 9 مئي سانحي ۾ بيڏوهه ماڻهن کي ڪير به هٿ نه لڳائيندو