وڇڙيل جوڙو 54 سالن کانپوءِ ملي ويو، لڙڪن سان آجيان، جذباتي منظر

0
263
وڇڙيل جوڙو 54 سالن کانپوءِ ملي ويو، لڙڪن سان آجيان، جذباتي منظر
وڇڙيل جوڙو 54 سالن کانپوءِ ملي ويو، لڙڪن سان آجيان، جذباتي منظر

ٽوڪيو(انٽريسٽنگ نيوز) سوشل ميڊيا تي اڪثر ڪجهه اهڙيون خبرون ڌيان حاصل ڪري وٺنديون آهن، جن ۾ ڪجهه اهڙو هوندو آهي جو عام طور تي انسان سوچي به نٿو سگهي

هڪ اهڙي ئي وڊيو سوشل ميڊيا واهپيدارن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو آهي، جيڪا هڪ جاپاني جوڙي جي آهي ۽ گهرواري مڙس کي ڏسي روئندي نظر اچي رهي آهي

سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل وڊيو جي ڪيپشن ۾ ٻڌايو ويو ته ٻي عظيم جنگ کان اڳ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجندڙ اهو جوڙو جنگ دوران وڇڙي ويو هو جنگ دوران هڪٻئي کان ڌار ٿيندڙ اهو جوڙو هاڻ 54 سالن کانپوءِ هڪٻئي سان مليو آهي پر ان خاص ڏينهن تي گهرواري کي وڏو ڌچڪو به لڳو

ڇو ته مڙس ٻي شادي به ڪري ڇڏي هئي.مڙس ٻي شادي ته ڪئي پر پهرين گهرواري اهو ڏسي به حيران ٿي وئي ته مڙس کي ٻي گهرواري مان اولاد ٿي ويو آهي وفادار عورت مڙس جي وڇڙڻ کانپوءِ 54 سالن تائين شادي نه ڪئي ۽ ان ئي اميد ۾ رهي ته اڄ نه سڀاڻي نيٺ مڙس کي ڳولي لهندي، سوشل ميڊيا تي اها وڊيو ڏسي واهپيدار جذباتي ٿي ويا ۽ مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن.