برسبين(انٽريسٽنگ نيوز) انٽرنيٽ هڪ وڊيو ڪافي مشهور ٿي رهي آهي جنهن ۾ هڪ آسٽريلوي رپورٽر کي لائيو نشريات دوران مڇر تنگ ڪندو رهيو، مڇر ڀڄائڻ جي ڪوشش دوران هن پاڻ کي ٿڦ وهائي ڪڍي، اهڙي وڊيو جاري ٿي وئي آهي، ميڊيا رپورٽس موجب اهو دلچسپ واقعو آسٽريليا ۾ پيش آيو جتي اينڊريا ڪروٿرز نالي رپورٽر برسبين ۾ ايندڙ تازي ٻوڏ جي رپورٽنگ ڪري رهي هئي. هوءَ آن لائين هئي ته مڇر ان جي نڪ تي اچي ويٺو هن بنا ڪجهه سوچي سمجهڻ جي ان کي ڀڄائڻ لاءِ پنهنجي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍي. عورت رپورٽر بيحد شرمنده ٿي ۽ هوءَ فوري طور تي ڪيميرا جي اسڪرين تان هلي وئي. بعد ۾ هن پنهنجي انسٽاگرام پيج تان مزاحيه وڊيو کي شيئر ڪيو. صارفين ۾ کل ۽ تفريح جي لهر ڊوڙي وئي. هڪ صارف لکيو ته اها واقعي تمام خطرناڪ مک هئي، مون ان کي 5 ڀيرا ڏسڻ کانپوءِ به اڃا تائين کلي رهيو آهيان.