قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۾ گرمي جو زور، گرمي جي سٽ نه سهندي هڪ پورهيت انور سولنگي بيهوش ٿي ويو، کيس تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو، ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، اوچتو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارثن موجب انور سولنگي مزدوري ڪندي گرمي سبب بيهوش ٿي ويو، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هن دم ڏئي ڇڏيو.